ڪهاڻيون

منهنجي بابا سائين جو نالو سردار علي پاڻ پرائمري استاد آهي سندس جي 1980_90 جي ڏهاڪي جي وچ دوران لکيل ننڍڙي شارٽ اسٽوري اميد ته اوهان سڀني پڙهندڙن کي پسند ايندي بابا جو مڪمل تعارف ڪنهن ٻئي دفعي بيان ڪندس هن دفعي هي لکيل ڪهاڻي رکان ٿو.

مومل مري وئي
اسان جي مالي حالت ڪمزور هئي. بابا هاري هو ۽ ادا محسن رازو، ميٽرڪ کان پوءِ بابا چيو پٽ حسن هاڻي پڙهائي ڇڏ ۽ ٻني ٻاري جي ڪمن ۾ منهنجو هٿ ونڊاءِ. ادا جي مرضي هئي ته مان رازو ٿيان. چيائين ڪاريگري سک سال ٻن ۾ سکي وٺندين پوءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. مگر مان اڙي ڪري بيٺس ته مان وڌيڪ پڙهي سرڪاري نوڪري وٺندس. ادا سمجهائيندي چيو ته ڏس حسن وڌيڪ پڙهائي لاءِ خرچ به وڏا گهرجن جيڪي اسان پاري هيٺين طبقي جي وس کان ٻاهر آهن، ٻيو ته اگر مائٽ پيٽ سان پٿر ٻڌي اولاد کي پڙهائي به وٺن ته هن دوُر ۾ غريب کي نوڪري ڪٿي ٿي ملي ۽ اگر ملي ته به وڌ وڌ ۾ سنڌي ماستري سا به پئسن کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ پگهار وري وڌ وڌ ۾ پندرنهن سو يا ٻه هزار روپيه تنهن ڪري منهنجو چيو مڃ ته پڙهائي ڇڏي هلي ڪم سک، ڏس نه مان ڪيئن سئو سوا سئو روپيه ڪمايون پيو اچان. پوءِ ٻئي ٿينداسين ۽ وڌيڪ ڪمائينداسين ان وقت منهنجي ذهن تي سرڪاري نوڪري جو جن سوار هو سو ادا محسن جي نصيحت ڇَتي ڪوري واري ڊيگھ پئي لڳي. مان ڪڙمت ڪرڻ ۽ رازو ٿيڻ کان صفا نابري واري بيٺس. پوءِ بابا ۽ ادا کي منهنجي ضد اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا.
                   ائين ئي وقت گزرندو ويو مان انٽر ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڏکيائين کي منهن سنهن ڏيندي بي ايس سي به ڪليئر ڪئي بي ايس سي ڪرڻ کانپوءِ نوڪري لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي گهڻا ئي انٽرويو ڏنم پر رزلٽ صفا زيرو گهڻن هندن تي پاس ٿي اچان پر پوءِ به نوڪري وري به ٻئي ڪنهن کي ملي جنهن جي سفارش هجي يا جنهن وٽ پئسا. پر پوءِ به همت نه هاريم. مگر هاڻي بابا ۽ ادا جي اڳيان اچڻ کان لنوائڻ لڳس ڇو ته اهي انٽرويو کان واپسيءَ تي اڪثر طنز ڪري پڇندا هئا ته حسن نوڪري وٺي آئين؟ ڪهڙي نوڪري ملي اٿئي؟ گهڻي پگهار اٿئي؟ ڪڏهن پگهار ملندئي؟ اهڙا سوال ٻڌي منهنجي طبيعت چيڙاڪ رهڻ لڳي مان انٽرويو واري ٽيم سان به چڙڻ لڳس.
          هڪ دفعي فون آپريٽر لاءِ انٽرويو جي تياري ڪرڻ لڳس، شيو کان فارغ ٿي بوٽ جي حالت ڏٺم ٽانوري شاخ جي پڇڙي جيان سڪل نظر آيو. پالش موجود نه هجڻ جي ڪري ڪوئلا ڪٽي سرنهن جي تيل ۾ ملائي پالش ڪئي مانس. اديءَ کي نماڻو عرض ڪيم منهنجي ڪپڙن مان ڪو تندرست جوڙو جنهن جا بخيا اڊڙيل نه هجن استري ڪري ڏي. پوءِ پنهنجي جسم جي ميراڻ تي اٽيڪ ڪرڻ لاءِ لائف بواءِ صابڻ کڻي باٿ روم جو رخ ڪيم. اندر گهڙي دروازو بند ڪري وهنجڻ لڳس ته در کان ٻاهريون جو سارو منظر نظر اچڻ لڳو ڇو ته در جي هيٺيون حصو ڀڳل هو دروازو ادا پاڻ ٺاهيو هو پاڙي جي دڪاندار حاجي بدر کان وٽامن اي اور ڊي سي ڀرپور لعل شهباز گھِ وارو خالي ٽن وٺي. جيڪي در ۾ لڳڻ کان پوءِ پاڻي لڳڻ ڪري سُتت ئي ڳري ويا هئا سو حاجي بدر وٽ خالي ٽن نه هجڻ ڪري اها جاءِ اڃا به خالي هئي. پنهنجو پوتڙو چوئڻو ڪري ان جاءِ کي کي بند ڪيم ۽ وهنجڻ لڳس. پاڻي جو پهريون لوٽو مٿان وجهندي ئي رڙ نڪري وئي ڇو ته امان پاڻي صفا گرم رکيو هو اهو سوچي ته ٿڌو پاڻي ملائي پوءِ محسن وهنجندو. مڳر جلدي ۾ مونکان به پاڻي چيڪ ڪرڻ وسري ويو. رڙ ڪندي سڏ ڪيم امان پاڻيءَ جو ته ڪو ٿڌو دلو کڻي آءُ امان جيڪي ڳچ پنڌ تي ويٺي رلي سبي رهي هئي منهنجي دانهن ٻڌنڌي ڊوڙي آئي، سهڪندي پڇيائين ابا خير ته آهي نه امان خير وري ڪهڙو تقريبن روئندي چيومانس مٿو ڄڻ تندور ۾ وڃي پيو آهي پاڻي گرم رکيو اٿئي. ابا تون به ايڏو اٻهرو نه ٿي. چيائين سياڻا چوندا آهن اٻهري ڪتي انڌا گلر ڄڻي. آرام سان پاڻي ملائي وهنج، تڪڙ ۾ ڪٿي پنهنجو منهن نه ساڙي وجهين.
          وهنجني ڪپڙا پائڻ ويٺس، گنجي پائيندي خبر ئي ڪان پئي ته ڪٿان گچي اٿس ڪٿان ٻيو حصو، صفا اٽي ڇاڻڻ جي ڇاڻي جيان ٽنگ ٽنگ لڳي پئي هئي. خير اها اهو سوچي پايم ته انٽرويو وارا صاحب ڏسندا ٿورئي، پر جي ڏٺائون ته ٿي سگهي ته منهنجي غريبي تي رحم کائي من نوڪري ڏئي وجهن، پنهنجي جرابن جي اڪلوتي جوڙي تي نظر پئي ته اهي آفريڪي پهلوانن جيڏا واٽ ڦاڙيون پيا هئا. خبر پئي ته اهي منهنجي ننڍي ڀاءَ احسن ڪينچي سان ڪٽيا آهن. خير اهي به اهو ارادو ڪري پايم ته بوٽ جون ڪهيون ڪشي ڪشي ٻڌندس نه بوٽ لاهيندس نه ئي ڪو جراب ئي ڏسندو.
          ڪپڙا پائي آرسي کڻي ٻوٿ شريف ڏسڻ لڳس، هڪ اڳ ئي حسن جو پرور ويتر جو گرم پاڻي چهري کي لساٽي وڌو ته منهن صفا ٽامڻي هڻي ويو. رڙ ڪندي چيم امان منهنجو منهن........ امان ڏسندي ئي دانهن ڪئي، آئي ابا منهن صفا باھ جيان بکي ٿو “حُسن جي تاب کان نه درد جي احساس کان” پوءِ امان جديد نُسخو استعمال ڪندي پاءُ کن مکڻ کڻي آئي. پڇيو مانس امان مکڻ ڇا لاءِ؟ چيائين ابا منهن کي هڻ راحت اچي ويندئي. روئڻ جهڙي صورت ڪندو چيومانس امان مان مکڻ ڪونه هڻندس. مگر امان زبردستي امان پاءُ کن مکڻ منهنجي منهن کي ٿڦي بلڪي ملي ڇڏيو پوءِ ته مکن لاءِ به عيد ٿي وئي. ڪا مک ڪٿان پئي اچي ڪا ڪٿان، منهنجو منهن انهن لاءِ وڏي اسٽيج بڻجي ويو جتي سوين ليڊر مکيون پنهنجي هزارين ڪارڪنن سان گڏ تقرير بلڪه منهنجي منهن کي پنهنجي محبوب جا گل سمجهي چٽڻ لڳيون، مون تنگ ٿي انهن تي لاٺي چارج شروع ڪيو. انهن کي ائين ڪٽڻ شروع ڪيم جيئن لاڙڪاڻي ۾ استادن “ماسترن” کي سپاهين ڪٽيو هو ته پنهنجا ٻئي چنبا پنهنجي ٻوٿ تي هڻڻ لڳس. ڪجھ کي ماريم، ڪي ڀڄي ويون باقي ٽوال کڻي سڄي پنڊال کي بلڊوزر ڪري ڇڏيم.
تيار ٿي امان جي پيرين پئي انٽرويو لاءِ نڪتم. اسان جو پاڙو ڪچي آبادي ڪچا رستا ڪچيون ڳليون وري اسان واري گهٽي ۾ ڌوڙ، مٽي ايتري جو خدا جي پناھ، جيڪا دز اٿي منهنجي تيل لڳل بوٽ کي ائين چنبڙي وئي جيئن اسان جي ملڪ جا سياستدان ڪرسي کي چنبڙي ويندا آهن. مان وري وتان اخبارن جا پنا ۽ پراڻيون اڳڙيون ميڙيندو ۽ بوٽ کي صاف ڪندو. نيٺ الله الله ڪري روڊ آيو ۽ بوٽ جي چاڪري مان جان ڇٽي. بس ۾ چڙهي ڌڪا کائيندو کائيندو اچي انٽرويو واري جاءِ پهتم . اتي پهچي خبر پئي ته جنهن کي نوڪري ملڻي هئي انهن کي ته آفر آرڊر به ملي ويا آهن. مونکي پڪ ٿي ته هي انٽرويو خاناپري لاءِ آهي. ليڪن مون انٽرويو ڏيڻ ان لاءِ ضروري سمجهيو ته انٽرويو لسٽ ۾ منهنجو نالو ته شامل هوندو.
          انٽرويو شروع ٿيو. ٽيم جي هڪ ميمبر منهنجا ڪاغذ ڏسي مون ڏانهن ڏسندي چيائين هي سرٽيفڪيٽ تنهنجا آهن؟ شايد ان کي يقين نه پئي آيو ته مون جهڙي ڦٽيچر جي تعليم ايتري ٿي سگهي ٿي، جي ها سئو في صد منهنجا آهن يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي مانس. لڳن ته ڪانه ٿا؟ چشمو اکين کان نڪ ڏانهن سرڪائيندي ۽ چشمي جي مٿان مونکي گهوريندي چيائين، مان خاموش رهيم، وري ان چيو قرآن شريف پڙهي ٻڌاءِ، بي دلي سان چيومانس وُضو ٿيل ناهي. ٻئي چيو عمر مارئي کي ڇو کڻي ويو هو؟ بي ڍنگي سوال جو بي ڍنگو جواب ڏيندي چيومانس راکي ٻڌائڻ لاءِ. ٽين گهوريندي چيو سهڻي ميهار ڏي ڇو ويندي هئي؟ چيومانس مولود ٻڌائڻ لاءِ. چوٿين رڙ ڪندي چيو رشوت تي ڳالهاءِ، چيومانس رشوت ڏيندڙ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن. شايد منهنجي ان جواب تي انهن کي مٺيان لڳي تڏهن ته هڪڙي داٻو ڪندي چيو چڱي طرح جواب ڏي چيومانس ته چڱي طرح جواب تڏهن ڏيندو سانوءَ جڏهن پڪ ڏياريندوءَ ته نوڪري مونکي ئي ڏيندوءَ. چيائين نوڪري اسان جي هٿ ۾ ناهي. فائل کڻي منهن تي هڻندي چيومانس جي نوڪري توهان جي هٿ ۾ ناهي ته پوءِ اسان جا پئسا ۽ وقت ڇو برباد ڪيو ٿا، ڪاوڙ ۾ رڙ ڪندي سڏڪيائين پٽيوالا هن بدتميز کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍ، پٽيوالو مون ڏانهن ڊوڙندو آيو. هڪل ڪندي چيومانس خبردار، پٽيوالا مان پاڻ ئي ٿو نڪتو وڃان. پوءِ پنهنجي عزت بچائيندي بچائيندي، پٽيوالي جي ڌڪي ڌوڻ کان پهريائين ئي ٻاهر نڪري آيس ۽ نوڪري جو ارادو ئي ڇڏي ڏنم. هاڻي پڪو پھ ڪيم ته ادا محسن وٽ ڪم سکندس. ادا چيو حسن مون پهريائين چيومانءِ ته سرڪاري نوڪري غريب جي نصيب ۾ ڪونه آهي.اجائي ٻه ٽي سال پڙهائي ۾ وڃايئي. خير هاڻي به وقت ڪم سکي پوندين. چيومانس ادا منهنجي هڪ شرط اٿئي؟ چيائين ڪهڙي؟ چيومانس آءُ تغاري ڪونه کڻندوسانءِ. مان پهريائين مسترائپ ڪندس.  چيائين ها ها ڇو نه تون پڙهيل آهين ٿورو ٻڌائڻ سان گهڻو ڪجھ سکي وٺندين.
          صبح سوير ادا اٿاري چيو اٿ ڪم تي هلون. “مونکي رات جو دير سان سمهڻ ۽ صبح سان دير سان اٿڻ جي عادت، اکيون ئي نه پيون پٽجن، مهٽي سهٽي اکيون کولي وال ڪلاڪ ڏانهن ڏٺم اڃان صبح جا ست مس ٿيا هئا. چيومانس ايترو سوير؟ ”چيائين اڄ اڃان تنهنجي ڪري دير ڪئي اٿم. پڇيومانس ڪم ڪٿي آهي؟ مان ڪپڙا مٽائي اچان ٿو. ادا محسن جو ٺيڪو هو جاءِ ٻڌائي پنجاھ روپيه ڏئي چيائين بازار مان شاهل ورتيون اچجانءِ.
          وهنجي نيرن ڪرڻ ويٺس. اڄ نيرن سٺي ملي ٻه اڦراٽا ۽ انڊو آمليٽ. اڄ امان کي به آسرو ٿي پيو ته منهنجو صدورو پٽ اڍائي سئو روپيه ڪمائي ايندو. مان نيرن ڪري امان جي پيرين پوڻ لاءِ ان ڏانهن ويس جيڪا ويٺي رلي پئي سبي. مان جڏهن به ڪيڏاهن ويندو آهيان ته امان سائڻ جي قدم بوسي ڪري پوءِ گهر مان نڪرندو آهيان، جيئن ئي امان جي پيرين پوڻ لاءِ رلي تي ويهڻ لڳس ته سبڻي ٽوپي ڏيڻ واري سئي........... چڀجي وئي. مون ڇرڪي، آئي ڪري اٿي وري پاڻ سنڀاليندي امان جي پيرن تي هٿ رکي چيومانس “امان دعا ڪجانءِ” امان منهنجي پٺي ٺپيندي چيو ابا الله مدت (مدد) اٿئي.
مان سڌو چاچي شاهل وٽ ويس “چاچو شاهل بابا جو دوست آهي. بازار ۾ فٽ پيري تي موچڪو ڪم ڪندو آهي. اهو ڪنهن ڪم سان ويل هو. ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کانپوءِ آيو، چيومانس چاچا ادا محسن توهان کي سڏي ٿو. فڪرمند ٿيندي چيائين ابا خير ته آهي نه؟ چيومانس ها ها چاچا مڙئي خير آهي. بس ادا چيو ته وٺي اچينس.
          مان ۽ چاچو شاهل ٽانگو ڪري گهربل جاءِ تي پهتاسين. ادا محسن حيرت مان ڏسندي پڇيو، حسن خير ته آهي نه؟ وڏي دير ڪيئي، ۽ چاچا شاهل تون ڪيئن آيو آهين؟ چيائين ابا تون ئي ته حسن کي موڪليو ته وٺي اچينس. ادا محسن هڪو ٻڪو ٿيندي چيائين مون؟؟؟؟ پوءِ ڪجھ سوچي مون ڏانهن ڏسي کلندي چيائين، اڙي چريا توکي مون چاچي شاهل لاءِ نه پر شاهل وٺي اچڻ لاءِ چيو هيم، شاهل جنهن سان ڀت جي سڌائپ ڏسبي آهي. پوءِ ته سڀ اچي کلڻ لڳا. مون پهريان ته ڏاڍو لڄي ٿيم مگر پوءِ پنهنجي ناسمجھي تي کلي ڏنم.
ادا سمجهائيندي چيو سِرَ جي چوٽي ڪٽڻ سان “مُنُ” ٺهندو آهي، سِرَ کي ڊيگھ ۾ سڌو ٻه اڌ ڪرڻ سان ڊيلي ٺهندو آهي. شاهل هيئن ڪبو آهي، ڏور هيئن ٻڌبي آهي، ڪسنڊو ٻن سِرَن جي وچ ۾ گارو هڻي ڏبو آهي، مان ايترو ذهين جو جهٽ سمجهي ويس بسم الله ڪري “ اُستادي اُستاد جي اُستادي ادا محسن جي چئي ڪم شروع ڪيم، ادا محسن سڄي ڀت هڻي اچي ته مان اڃان منڍو هڻڻ ۾ پورو، ڪاوڙ ته ڏاڍي پئي اچي ته پڙهيل ڪڙهيل مان ۽ ڪم وري ادا محسن گهڻو ڪري، مون به تڪڙ ڪرڻ شروع ڪئي. اسان گپل هاريون ڏئي وياسين ته هڪ ماڻهو آيو. ادا کي چيائين تهمنهنجو ڪم آهي هلي ڏس ته ٺيڪي تي ڏيانءِ. ادا محسن ان سان هليو ويو.
          سنگالا، تختا، ٺهرائي انهن تي چڙهيم ته مٿو ڦرڻ لڳو. پوءِ به درود ۽ صلواتون پڙهي ڪم شروع ڪيم. ڇاجا ڪسنڊا، ڇا جون ڏوريو ڇڪ ڇڪان لاهي ڏنم. سِرَ هڻي شاهل رکي سِرَ ڏيڻ واري مزدور کي چوان ڏس شاهل سهي آهي؟ اهو به ڀوڪُ ڪو مون وانگر نئون هو ڏسي چئي واه ڙي استاد تنهنجو شاهل، مان به پنهنجي تعريف ٻڌي ائين شانگرجي وڃان جيئن سائين ذوالفقار علي چانڊيو پنهنجي ساراه ٻڌي مڇن بلڪي شهپرن کي وٽ وٽان لائي ڏيندو آهي. مون به اوساري کي عين مين ڪري ورتو. گپل ڀت مٿي چاڙهي ويس، اچانڪ منهنجي ڇهين حس آگاھ ڪيو ته ڀِت ۾ ڦير اٿئي. غور سان ڏٺم ته ڀت اندر ليٽيل نظر آئي، تسلي ڪرڻ لاءِ گاري ٺاهڻ واري کي جيڪو سڀني مزدورن ۾ سينيئر لڳي پيو سڏ ڪري چيومانس چاچا ڀت کي ته ڏسجانءِ، ڏسڻ سان ئي رڙ ڪيائين، استاد ٽپو ڏي، مان به پڙهائي دوران پنجويھ مارڪن خاطر اين سي سي ڪندي جمپ ڏيڻ جو ماهر ٿي ويو هئس سو وٺي جمپ ڏنم. هيڏانهن مان زمين تي آيس هوڏانهن ڌڙام جو آواز ٿيو، ڀت اچي پٽ تي پئي ۽ زمين تي ڌوڙيا ٿي ويا وٺ وٺ ٿي وئي مان هڪ هنڌ ڄمي ويم، منهنجو جسم سُن ٿي ويو، رڳن ۾ رت دورو ڪرڻ ڇڏي ڏنو، شرم کان نه، خوف کان، ته خبر ئي ناهي ڪيترو نقصان ٿي ويو، خبر ئي ڪانه پَئَي پَئِي ته ڇا ڪيان، ڇا ٿي ويو. پوءِ پنهنجا حواس بحال ڪندي ڏٺم ته اسان وارا مزدور تڪڙي تڪڙي ڪريل ڀت جون سِران هٽائي رهيا هئا ۽ ان گهر جيڏانهن ڀت ڪري هئي هڪ ڪراڙي عورت ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري گارين جا باهوڙ لايون بيٺيون هيون، ڇوڪري ان مزدور کي جيڪو مونکي سِر ڏئي پيو، ڀونڊا ۽ گاريون ڏئي چئي رهي هئي ، جوءِ جا........ ڪُتي جا........ ڪڃر جا........ سڀ مستري ٿيا آهن، اهو ڄٽ وري مون ڏانهن اشارو ڪري چئي رهيو هو ”مستري مان نه اهو آهي پوءِ ته ڇوري مونکي صفا گارين سان کڻي ڏنو ڪچيون پڪيون ۽ اڌ رڌيل جيڪي به قديم ۽ جديد گاريون مُيسر هئيس مونکي ۽ منهنجي ستن پيڙهين کي ٿي ڏنائين. اها مونکي گاريون ڀونڊا ڏئي پنهنجي ٻوٿ ۾ چنبا هڻي پار ڪڍي رهي هئي، ڪڃر جا....... منهنجي مومل مري وئي” مان اهو ٻڌي ڏڪڻ لڳس. سوچيم ته يقينن مومل ان جي ڀيڻ جو نالو هوندو، جيڪا ڀت جي هيٺيان دٻجي مري وئي آهي. ايتري ۾ ادا محسن به اچي ويو ۽ مزدورن به ڪريل ڀت جون سِران هٽائي صاف ڪيون. ڏٺوسين ته هڪ ٻڪري ۽ ٻه نوان ڄاول ڇيلڙا مئا پيا آهن. پوءِ خبر پئي ته مومل ٻڪري جو نالو هو جيڪا ڀت جي ڀرسان ٻڌل هئي ۽ خيرن سان پنهنجو مهينو هئيس، مگر ڀت ڪرڻ جي ڪري وقت کان پهريان ئي هٿ پير لڌائين، مگر ڀت جو ٻوجھ سهي نه سگهي ۽ ذچه ۽ ٻچه بچي نه سگهيا.
ڪراڙي ٿاڻي تي دانهن ڏيڻ لاءِ نڪتي ته ادا محسن وڃي پاسو جهليس چيائين امڙ دانهن نه ڏي تون جيئن چوندين تيئن ڪنداسين، پوءِ پاڙي جي چند معزز ماڻهن فيصلو ڪيو ته ٻڪري جي چٽي چار هزار روپيه ڀري ڏيو ۽ ڪراڙي ڏي ميڙ به ڪري وڃو.
          اسان کان پهريان ئي ٻڪري جي مرڻ جي خبر گهر پهچي وئي هئي، گهر ۾ پاڙي جي عورتن جي پيھ لڳي پئي هئي. ڪي همدردي ڪرڻ آيون هيون ته ڪي وري ٽوڪ، ماسي سڀاڳي ٽوڪ ڪري گراٺ جيڏو چپ ٻاهر ڪڍندي چيائين، اڙي ابا بي سي ( بي ايس سي ) پڙهيو آهين، اچئي ته ڀت به ٺاهڻ ڪونه ٿي دل ۾ چيم، هن کي ڪير سمجهائي ته ماسي سڀاڳي نه بلڪي نڀاڳي بي ايس سي ڪرڻ تائين ڪڏهن اهو ته نه ٻڌايائون ته ڀت هيئن ٺاهبي آهي، توائي ۾ گهر مان ٻاهر نڪتم ته ڏيڍي ۾ نوري بيٺي هئي. نوري امان جي سوٽ جي ڌيءَ ۽ منهنجي مڱ آهي، مونسان گهڻو پيار ڪندي آهي۽ مان به ساھ کان وڌيڪ چاهيندو آهيانس. کل روڪيندي چيائين، حسن ويچاري ٻڪري ۽ ان جي ليلڙن سان ڪهڙي دشمني هيئي جو دنيا مان ئي لڏائي ڇڏيوئين؟ ڏکارو ٿيندي چيومانس نوري ڪم از ڪم تون ته ائين نه چئو، ڇو ته ٻين جا پٿر به ايذاءُ ڪونه ڏيندا پر جي تون گل به هڻنديئن ته به گهاو رسائيندا، پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيندي مرڪي پيار مان چيائين منهنجا مٺڙا مان ته مزاق ڪيائين ٿي.
          پهريان بابا سائين ۽ ادا محسن انٽرويو تي وڃڻ وقت ڪِر ڪِر ڪندا هئا مگر هاڻي چيائون ته ڪنهن به نوڪري لاءِ انٽرويو ڪال اچئي ته وڃجانءِ الله مالڪ آهي نوڪري وٺنداسين، مان سمجهي ويس ته بابا ۽ ادا کي مون واري چٽي مهانگي پئي آهي، انهن سوچيو هوندو ته هيءَ ته ٻڪري جي چٽي چار هزار روپيه پئي آ اگر ڪو ماڻهو........
          ڪجھ ڏينهن ۾ ئي اخبار ۾ نوڪري جو اشتهار آيو، مون به درخواست ڏني چند ڏينهن بعد انٽرويو ڪال آئي، بابا ۽ ادا ڀاڙي ڀتي لاءِ پئسا ڏئي چيائون سٺي طرح انٽرويو ڏجانءِ الله سڻائي ڪندو. امان جي پيرين پئي وڃڻ لڳس ته ٻانهن ۾ تعويذ ٻڌي چيائين ابا مرشد سائين کان ورتو اٿم ڏسجانءِ مرشد جي دعا سان نوڪري توکي ئي ملندي، پوءِ پوتي مان ڏهن روپين جو نوٽ جيڪو چئوڻو پنجوڻو ٿيل هو کولي منهنجي هٿ تي رکندي چيائين ابا ميان سهڻي جي درگاھ تي فقيرن ۾ خيرات ڪجانءِ ، ميان سائين من جون مرادون پوريون ڪندئي، نوري کان موڪلائڻ ويس ته ڳراٺڙيون پائي ملي چيائين حسن منهنجون دعائون توسان گڏ آهن، انشاءَالله نوڪري جو آرڊر وٺي ايندين، نوري کي به آسرو هو ته حسن ملڻ کان پوءِ ئي پنهنجي شادي ٿيندي.
          مان انٽرويو ڏئي آيس هفتي کانپوءِ آرڊر مليو، ڏاڍي خوشي ٿي باس باسيم ته پهرين پگهار جو چاليهون حصو مرشد جي نانءَ جي خيرات ڪندس ڇو ته ان جي تعويذ جي برڪت سان نوڪري ملي آهي، پوسٽنگ آرڊر وٺي جوائننگ ڪري اچي سڀني کي مٺائي کارايم.
امان چيو ابا مون موسى دوست خدا جي جا “ مُٽا ” باسيا هيم ته توکي نوڪري ملي ته اهي ورهائي ڏيندس، اڄ اهي ورهائڻا آهن، چيومانس امان موسى دوست جا “ مُٽا ” ڀلجان وراھِ پر مونکي هاڻي مکڻ ۽ کير گهڻو ڏجانءِ، مان هاڻي ڪمائڻ لڳو آهيان، چيائين ابا کير ۽ مکڻ توکي ڪٿان ڏيان؟ مينهن ته پڻهي کپائي ڇڏي، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته مينهن ۽ گڏھ گاڏو کپائي ان پئسن مان ئي ته بابا مون لاءِ نوڪري ورتي آهي، هاڻي سمجهيم ته نوڪري مرشد سائين جي دعا سان نه بلڪي مينهن ۽ گڏھ گاڏو کپائي انهن پئسن سان ملي آهي، خير پوءِ به خوشي ٿي ته سرڪاري نوڪري ته ملي پئي....

سردار علي سومرو
شهدادڪوٽ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو