Thursday, October 19, 2023

گلاب جا گل

هن هڪ دفعو کيس چيو هو ته مونکي گلاب جا گل ۽ انهن جي خوشبو تمام گهڻي پسند آهي. پوءِ هو وڏي وٿي کانپوءِ سندس قبر مٿان گلاب جي گلن جي ڪئي ٽوڪريون ڇٽي هلي وئي هئي.

سجاد علي

19-10-2023

Wednesday, September 7, 2022

ٻوڏ ۽ ارمان

 سمورو علائقو پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويو هو. صدوري سندن مينهن جو نالو هو جيڪا بک سک تي به ٻه ويلا 3 چار سير کير ڏيندي هئي سا به پاڻي جي وهڪري سان گڏ هلي وئي هئي اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو هو محفوظ هنڌ تي منتقل ٿيندي پر سندن ڪو به داد فرياد پڇڻ ڪونه آيو هو نه ئي سندن تڪ جو وڏيرو. سو به اعلا ايوانن ۾ ويٺي مزا وٺي رهيو هو. اڄ ته انهن ڪتن ۽ گڏهن جا آواز به ٻڌڻ ۾ ڪانه پئي آيا جيڪي ٻڌي ننڍڙو سارنگ ۽ دادلي ڊڄندا هئا. ٻنهي ٻارن امڙ کي ٻاتي لهجي ۾ پڇيو ته امان اڄ به بابا ڪجه ناهي آندو اسان کي ڏاڍي بک لڳي آ. نه پٽ اجهو پڻهي آيو اڄ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو. ائين ئي ڳالهائيندي هلڪي چانڊاڻ ۾ پري کان هٿ ۾ هڪ ڪاري ٿيلهي لڙڪائيندي پاڙيسرين سان گڏ قربان به نظر آيو. دادلي جي ماءُ جي نظر جيئن قربان تي پئي سندس منهن تي عجيب مرڪي تري آئي. ڪجه ئي لمحن ۾ قربان منھ اندر داخل ٿيو ٻئي ٻار اٿندي ئي بابي سان ڀاڪرين پئجي ويا. قربان ٻنهي ٻارن جي مٿي تي چمي ڏيندي ٿيلهي سندن ماءُ کي ڏني. بس هي هڪ ٿيلهي ٽيون ڏينهن ٿيو آ صرف پاڻي جي لپ تي گذارو آ. ٿيلهي ۾ هڪ پليٽ کان ٿورا وڌيڪ چانور هئا جيڪي گهڻو پنڌ ڪري اچڻ سبب ٿڌا ٿي ويا هئا. جن مان اڌ ڪڍي ٻارن کي ڏنو جيڪي کائي ڪري جلد ئي سمهي پيا. سارنگ جا پي تون به ٻه گرھ هڻي وٺ الائي شهر ڏي مليئي الائي نه ها ها مون کاڌا آهن هي اوهان لاءِ کڻي آيو آهيان. دادلي جي ماءُ سندس ڳالهائڻ جي انداز مان پرکي ورتو ته هن هڪ گرھ به نه کاڌو هوندو چانور کڻي اچي سندس ڀر ۾ ويهي رهي گهڻي اسرار کان پوء قربان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جيڪي دادلي جي ماءُ رئي سان اگهندي ۽ چانورن جو گرهه کڻندي قربان جي وات ۾ وڌو جيڪو هن سڏڪندي سڏڪندي پنهنجي بي وسي تي گيهي ويو. جيڪي چار جريب هئن انهن ۾ فصل تياري جي آخري مرحلي ۾ هئن سو به ٻوڏ اچڻ ڪري ٻڙي وين. دادلي جي ماء شهر مان ٻڌي آيو آهيان ته پاڻي وڌيڪ هڪ وڏو وهڪرو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسان جي علائقي کان گذرندو پوء هي هنڌ به محفوظ ڪانہ رهندو تنهن ڪري سڀاڻي نڪري هلڻ گهرجي. مالڪ سڻائي ڪندو وڌيڪ وهڪرو نه ايندو پاڻئي جمن شاه ويٺو آ وڌيڪ وهڪرو آيو ته به سندس ڪرامت سان گذري ويندو دادلي جي ماء شهر ۾ وڏيون خبرون هلن پيو ته دشمن ملڪ پاڻي جو وڏو وهڪرو ڇڏي اسان کي ٻوڙڻ ٿو چاهي. تنهنڪري اسان سڀني کي هتان نڪري هلڻ گهرجي. اڄ مان ڀرسان ويٺل مائين سان گڏ جمن شاھ جي درگاھ تان دعا گهري آئي آهيان ڏٺئي ڪانہ اسن جو سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو پر جمن شاھ جي درگاھ تي هڪ پاڻي جي لپ به ڪانه آئي آهي. کين اها زبر ئي ڪانه هئي ته جمن شاهه جي درگاھ سڄي ڳوٺ کان ٻه ٽي ڦٽ مٿي دڙي تي آهي. سندس ڳالهيون ٻڌي قربان ماٺ ڪري سمهي پيو. تارن کي ڏسندي ڏسندي کيس ننڊ وٺي وئي آڌي رات جو شروع ٿيو سامهون وارين ڪنڌين مان رڙيون اچڻ لڳيون جيڪي سندن منه کان ڪجه هيٺ هيون تن ۾ پاڻي پهچي چڪو هو دشمن ملڪ تڪڙو پاڻ جو وهڪرو کولي ڇڏيو قربان ۽ سندس وني پڻ رڙين تي اٿي پيا سموري علائقي ۾ روڄ راڙو پئجي ويو وقت گذرندي پاڻي سندن گهيرو تنگ ڪندي پئي ويو تنهن تي سڀئي پنبنجي ٻارن کي کڻي جمن شاھ جي درگاهه اندر داخل ٿي پر ڏسندي ئي ڏسندي پاڻي درگاه اندر به داخل ٿي ويو اڀ ڏاريندڙ رڙيون پئجي ويون جيڪي پاڻي جي سطح وڌندي وڌندي آهستي آهستي سسڪين ۾ تبديل ٿيندي سانت ٿي ويو ڪجھ ئي دير ۾ پاڻي جي سطح درگاھ جي گنبذ کي ڇهڻ لڳي...... ماحول ۾ هڪ تاريڪي ۽ راڪاس جهڙي خاموش ڇانئجي وئي .....

سجاد علي

شهدادڪوٽ

Saturday, July 3, 2021

چاڪليٽ

 


فطرتي طور مونکي چاڪليٽ اصل پسند ناھي. پوءِ ڇا لاءِ کائيندو آھين سارنگ تنھنجا کيسا تہ سدائين چاڪليٽن سان ڀريل ھوندا آھن... اڙي تو مونکي ڪڏھن کائيندي ڏٺو آھي. ھا يار مون واقعي توکي کائيندي ناھي ڏٺو صرف وٺندي ڏٺو آھي. پر پوءِ بہ ان جو مقصد ڇا آھي؟ بس اھو ڪڏھن ٻڌائيندو مان. ھائو اھو تہ الائي ڪيترا دفعا چيو اٿئي پر ٻڌايو تہ ڪڏھن بہ نہ اٿئي. ھائوڙي ڪڏھن ٻڌائيندوسان. ٺيڪ آھي سائين اھو وقت بہ ڪڏھن ايندو اوھان ان راز تان پردو کڻندا. اڙي ھائو ڇڏ ھاڻي ايترو سيريس ڇو ورتو اٿئي چاڪليٽ کي. مون اھو چوندي ھڪ گهري سوچ ۾ ھليو ويس. ھوءَ پھريون دفعو مون واري دڪان تي آئي ھئي ان وقت ھن جي عمر 16 سال ھئي ھرڻي جھڙي چال وڏيون ۽ گھريون اکيون نرڙ تي ڀرون جي وچ ۾ سرمي جو ھلڪو ٽڪو سندس سونھن کي نظر لڳڻ کان بچائڻ لاءِ چوڪيدار جو ڪم ڪري رھيو ھو لبڙن تي ھلڪي سرخي نارنگي جي ڦاڪ جيان رسيل لڳي رھي ھئي ھن جي گفتار باغ ۾ ويٺل ڪوئل جي مڌم آواز جيان ھئي. ھن اچڻ سان ئي چاڪليٽ گھريا ھئا. منھنجو پھريان تہ وات ئي پٽجي ويو ھو. پوءِ مون پاڻ ٿورو ٿورو سنڀاليندي ھن کي الائي ڇا ڇا ڏنو ھو ءِ الائي ڪيئن حساب ڪيو ھو. ھوءَ پھريان تہ ڪاوڙ مان ۽ بعد ۾ منھنجي بوکلائٽ کي ڏسندي ھلڪي مرڪ مرڪندي  پئسا ڏئي ھلي وئي ھئي. ان ڏينھن کانپوءِ چاڪليٽن کي مقدس تبرڪات جيان کيسي ۾ رکندو آھيان.

 

سجاد علي

شھدادڪوٽ

Wednesday, November 25, 2020

نوريئڙا ۽ اخروٽ جا وڻ

 

دنيا ۾ اخروٽ جا وڻ گھڻي قدر نوريئڙن جي ڪري ڦٽي پوندا آھن. اھو ان لاءِ ته نوريئڙا اخروٽ جي وڻن مان اخروٽ پٽي کڻي اچي زمين ۾ لڪائي رکندا آھن. ته جيئن ڪجھ وقت کان پوءِ اھي لڪايل اخروٽ ڪڍي کائي سگھن پر گهڻو وقت گذرڻ کانپوءِ اھي لڪايل اخروٽ انھن کان وسري ويندا آھن. نتيجن ان جگھ تي برسات پوڻ سبب انھن مان وري اخروٽ جا سلا ڦٽي نڪرندا آھن ۽ اھي وقت گذرڻ سان وڻ جي صورت اختيار ڪندا آھن. ۽ انھن مان وري اخروٽ پچي تيار ٿيندا آھن جنھن جو وڏو فائدو وري به انھن نوريئڙن کي ئي پھچندو آھي. بلڪل ائين ئي انسان کي به ڪرڻ گهرجي نيڪ ڪم ڪري پوءِ ان کي وساري ڇڏجي نتيجو ساڳي ريت ئي نڪرندو.


Monday, May 13, 2013

ڀٽائي جو شعر


بسم الله الرحمٰن الرحيم
سائنم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين