Wednesday, September 7, 2022

ٻوڏ ۽ ارمان

 سمورو علائقو پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويو هو. صدوري سندن مينهن جو نالو هو جيڪا بک سک تي به ٻه ويلا 3 چار سير کير ڏيندي هئي سا به پاڻي جي وهڪري سان گڏ هلي وئي هئي اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو هو محفوظ هنڌ تي منتقل ٿيندي پر سندن ڪو به داد فرياد پڇڻ ڪونه آيو هو نه ئي سندن تڪ جو وڏيرو. سو به اعلا ايوانن ۾ ويٺي مزا وٺي رهيو هو. اڄ ته انهن ڪتن ۽ گڏهن جا آواز به ٻڌڻ ۾ ڪانه پئي آيا جيڪي ٻڌي ننڍڙو سارنگ ۽ دادلي ڊڄندا هئا. ٻنهي ٻارن امڙ کي ٻاتي لهجي ۾ پڇيو ته امان اڄ به بابا ڪجه ناهي آندو اسان کي ڏاڍي بک لڳي آ. نه پٽ اجهو پڻهي آيو اڄ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو. ائين ئي ڳالهائيندي هلڪي چانڊاڻ ۾ پري کان هٿ ۾ هڪ ڪاري ٿيلهي لڙڪائيندي پاڙيسرين سان گڏ قربان به نظر آيو. دادلي جي ماءُ جي نظر جيئن قربان تي پئي سندس منهن تي عجيب مرڪي تري آئي. ڪجه ئي لمحن ۾ قربان منھ اندر داخل ٿيو ٻئي ٻار اٿندي ئي بابي سان ڀاڪرين پئجي ويا. قربان ٻنهي ٻارن جي مٿي تي چمي ڏيندي ٿيلهي سندن ماءُ کي ڏني. بس هي هڪ ٿيلهي ٽيون ڏينهن ٿيو آ صرف پاڻي جي لپ تي گذارو آ. ٿيلهي ۾ هڪ پليٽ کان ٿورا وڌيڪ چانور هئا جيڪي گهڻو پنڌ ڪري اچڻ سبب ٿڌا ٿي ويا هئا. جن مان اڌ ڪڍي ٻارن کي ڏنو جيڪي کائي ڪري جلد ئي سمهي پيا. سارنگ جا پي تون به ٻه گرھ هڻي وٺ الائي شهر ڏي مليئي الائي نه ها ها مون کاڌا آهن هي اوهان لاءِ کڻي آيو آهيان. دادلي جي ماءُ سندس ڳالهائڻ جي انداز مان پرکي ورتو ته هن هڪ گرھ به نه کاڌو هوندو چانور کڻي اچي سندس ڀر ۾ ويهي رهي گهڻي اسرار کان پوء قربان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جيڪي دادلي جي ماءُ رئي سان اگهندي ۽ چانورن جو گرهه کڻندي قربان جي وات ۾ وڌو جيڪو هن سڏڪندي سڏڪندي پنهنجي بي وسي تي گيهي ويو. جيڪي چار جريب هئن انهن ۾ فصل تياري جي آخري مرحلي ۾ هئن سو به ٻوڏ اچڻ ڪري ٻڙي وين. دادلي جي ماء شهر مان ٻڌي آيو آهيان ته پاڻي وڌيڪ هڪ وڏو وهڪرو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسان جي علائقي کان گذرندو پوء هي هنڌ به محفوظ ڪانہ رهندو تنهن ڪري سڀاڻي نڪري هلڻ گهرجي. مالڪ سڻائي ڪندو وڌيڪ وهڪرو نه ايندو پاڻئي جمن شاه ويٺو آ وڌيڪ وهڪرو آيو ته به سندس ڪرامت سان گذري ويندو دادلي جي ماء شهر ۾ وڏيون خبرون هلن پيو ته دشمن ملڪ پاڻي جو وڏو وهڪرو ڇڏي اسان کي ٻوڙڻ ٿو چاهي. تنهنڪري اسان سڀني کي هتان نڪري هلڻ گهرجي. اڄ مان ڀرسان ويٺل مائين سان گڏ جمن شاھ جي درگاھ تان دعا گهري آئي آهيان ڏٺئي ڪانہ اسن جو سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو پر جمن شاھ جي درگاھ تي هڪ پاڻي جي لپ به ڪانه آئي آهي. کين اها زبر ئي ڪانه هئي ته جمن شاهه جي درگاھ سڄي ڳوٺ کان ٻه ٽي ڦٽ مٿي دڙي تي آهي. سندس ڳالهيون ٻڌي قربان ماٺ ڪري سمهي پيو. تارن کي ڏسندي ڏسندي کيس ننڊ وٺي وئي آڌي رات جو شروع ٿيو سامهون وارين ڪنڌين مان رڙيون اچڻ لڳيون جيڪي سندن منه کان ڪجه هيٺ هيون تن ۾ پاڻي پهچي چڪو هو دشمن ملڪ تڪڙو پاڻ جو وهڪرو کولي ڇڏيو قربان ۽ سندس وني پڻ رڙين تي اٿي پيا سموري علائقي ۾ روڄ راڙو پئجي ويو وقت گذرندي پاڻي سندن گهيرو تنگ ڪندي پئي ويو تنهن تي سڀئي پنبنجي ٻارن کي کڻي جمن شاھ جي درگاهه اندر داخل ٿي پر ڏسندي ئي ڏسندي پاڻي درگاه اندر به داخل ٿي ويو اڀ ڏاريندڙ رڙيون پئجي ويون جيڪي پاڻي جي سطح وڌندي وڌندي آهستي آهستي سسڪين ۾ تبديل ٿيندي سانت ٿي ويو ڪجھ ئي دير ۾ پاڻي جي سطح درگاھ جي گنبذ کي ڇهڻ لڳي...... ماحول ۾ هڪ تاريڪي ۽ راڪاس جهڙي خاموش ڇانئجي وئي .....

سجاد علي

شهدادڪوٽ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو