Saturday, July 3, 2021

چاڪليٽ

 


فطرتي طور مونکي چاڪليٽ اصل پسند ناھي. پوءِ ڇا لاءِ کائيندو آھين سارنگ تنھنجا کيسا تہ سدائين چاڪليٽن سان ڀريل ھوندا آھن... اڙي تو مونکي ڪڏھن کائيندي ڏٺو آھي. ھا يار مون واقعي توکي کائيندي ناھي ڏٺو صرف وٺندي ڏٺو آھي. پر پوءِ بہ ان جو مقصد ڇا آھي؟ بس اھو ڪڏھن ٻڌائيندو مان. ھائو اھو تہ الائي ڪيترا دفعا چيو اٿئي پر ٻڌايو تہ ڪڏھن بہ نہ اٿئي. ھائوڙي ڪڏھن ٻڌائيندوسان. ٺيڪ آھي سائين اھو وقت بہ ڪڏھن ايندو اوھان ان راز تان پردو کڻندا. اڙي ھائو ڇڏ ھاڻي ايترو سيريس ڇو ورتو اٿئي چاڪليٽ کي. مون اھو چوندي ھڪ گهري سوچ ۾ ھليو ويس. ھوءَ پھريون دفعو مون واري دڪان تي آئي ھئي ان وقت ھن جي عمر 16 سال ھئي ھرڻي جھڙي چال وڏيون ۽ گھريون اکيون نرڙ تي ڀرون جي وچ ۾ سرمي جو ھلڪو ٽڪو سندس سونھن کي نظر لڳڻ کان بچائڻ لاءِ چوڪيدار جو ڪم ڪري رھيو ھو لبڙن تي ھلڪي سرخي نارنگي جي ڦاڪ جيان رسيل لڳي رھي ھئي ھن جي گفتار باغ ۾ ويٺل ڪوئل جي مڌم آواز جيان ھئي. ھن اچڻ سان ئي چاڪليٽ گھريا ھئا. منھنجو پھريان تہ وات ئي پٽجي ويو ھو. پوءِ مون پاڻ ٿورو ٿورو سنڀاليندي ھن کي الائي ڇا ڇا ڏنو ھو ءِ الائي ڪيئن حساب ڪيو ھو. ھوءَ پھريان تہ ڪاوڙ مان ۽ بعد ۾ منھنجي بوکلائٽ کي ڏسندي ھلڪي مرڪ مرڪندي  پئسا ڏئي ھلي وئي ھئي. ان ڏينھن کانپوءِ چاڪليٽن کي مقدس تبرڪات جيان کيسي ۾ رکندو آھيان.

 

سجاد علي

شھدادڪوٽ